گڏيل قومون -06 آگسٽ (اي پي پي)گڏيل قومن جي انساني حقن بابت هاءِ ڪمشنر وولڪر ترڪ وچ اوڀر ۾ فوري طور تي ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي جو مطالبو ڪيو آهي. غزه ۾ اسرائيلي جنگ دوران هاڻوڪن خطرناڪ حملن بعد ??ڪتاڻ ۾ اضافو ٿيو آهي ۽ غزه ۾ اسرائيلي جنگ 10هين مهيني ۾ داخل ٿيڻ واري آهي. هن گذريل ڏينهن هڪ بيان ۾ چيو ته هو وچ اوڀر ۾ وڏي تڪرار جي ??ڌندڙ خطري کان تمام گهڻو پريشان آهيون ۽ سم??رين ڌرين سان گڏوگڏ اثر رسوخ رکندڙ رياستن کي به درخواست ڪجي ??ي ته اهي فوري طور تي ڇڪتاڻ ??هٽائڻ لاءِ قدم کڻن، جيڪا انتهائي خطرناڪ صورتحال بڻجي چڪي آهي. وولڪر ترڪ نوٽ ڪيو ته غزه ۾ گذريل 10 مهينن دوران عام شهرين جنهن ۾ اڪثريت عورتن ۽ ٻارن جي آهي، بمن ۽ فائرنگ جي ??تيجي ۾ ناقابل برداشت ڏکن ۽ تڪليفن کي برداشت ڪيو آهي. هن چيو ته ان صورتحال کان بچڻ لاءِ سڀ ڪجهه ڪرڻ گهرجي جنهن سان عام شهرين لاءِ ان کان به وڌيڪ خوفناڪ نتيجا هوندا. ان سلسلي ۾ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش سان گڏجي ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي جو مطالبو ڪيو آهي، ڇاڪاڻ ته حملن بعد ??ڪتاڻ ۾ اضافو ٿيندو پيو وڃي.
سموريون ڌريون ۽ بااثر رياستون وچ اوڀر ۾ فوري طور تي ڇڪتاڻ کي گهٽائڻ لاءِ قدم کڻن:وولڪر ترڪ
مضمون کا ماخذ : فنکی پھل