اسلام آباد – 17 نومبر (اي پي پي) ترڪي جي صدر رجب طيب اردوان پاڪستان ۽ ترڪي جي وچ ۾ سياست، معيشت، دفاع، واپار ۽ سيڙپڪاري جي شعبن ۾ تعاون جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان پنهنجي قدرن جي تحفظ سان گڏوگڏ جمهوريت تي عملدرآمد کي ڪاميابي سان سرانجام ڏي?? جو مظاهرو ڪندي مسلمان امت جي لاءِ هڪ مثال قائم ڪيو آهي، ترڪي کي ڪش??ير ۾ تازي ڀارتي ظلمن تي وڏي ڳڻتي آهي ۽ هو ڪش??يري عوام جي خواهشمن موجب ڪش??ير مسئلي جي حل جي خواهشمد آهي ۽ ان ڏس ۾ هو پنهنجو ڪردار ادا ڪندو، پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي خطاب ڪندي ترڪ صدر رجب طيب اردوان چيو ته آئون اوهان سڀني کي پنهنجي وفد ۽ ترڪ عوام طرفان دلي جذبن، احترام، محبت ۽ خلوص ڀريو سلام پيش ڪريان ٿو، آئون ترڪي مان اوهان سڀني لاءِ محبتون کڻ?? آيو آهيان، آئون هڪ ڀيرو ٻيهر سمورن پاڪستاني ڀائرن سان پنهنجي محبت، احترام ۽ خلوص جو اظهار ڪريان ٿو، 2012 جي پاڪستان جي دوري دوران به مون قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جي گڏيل اجلاس ۾ شرڪت ڪئي هئي، تقريبن ساڍا چار سال بعد قومي حاڪميت جي علامت بڻجندڙ هن اداري جي ڇت هيٺان هڪ دفعو ٻيهر گڏ ٿيڻ منهنجي لاءِ خوشي جوڳي ڳالهه آهي.
ترڪي کي ڪشمير ۾ ڀارتي ظلمن تي ڳڻتي آهي: ترڪ صدر
مضمون کا ماخذ : سندھ لاٹری