اسلام آباد – 25 مئي (اي پي پي) گذريل 10 سال جي ڀيٽ ۾ هلندڙ مالي سال ۾ مجموعي قومي پيداوار (جي ڊي پي) جي واڌويجهه جي شرح ۾ 5 س??ڪڙو کان وڌيڪ اضافو ٿيو آهي. سال 17 – 2016ع بابت اقصادي سروي پيش ڪندي ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو ته مالي سال 14 – 2013ع ?? جي ڊي پي جي واڌويجهه جي شرح 3 سيڪڙو هئي جيڪا گذريل ٽن سالن دوران 4 سيڪڙو جي لڳ ڀڳ رهي. گذريل مالي سال ?? جي ڊي پي ۾ 4.51 سيڪڙو جي شرح سان ترقي رڪارڊ ڪئي وئي جڏهن ته هلندڙ مالي سال ?? جي ڊي پي جي ترقي جي شرح 5.3 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي. هن چيو ته ملڪ جي جي ڊي پي ۾ اضافي جا صحيح انگ اکر جوڙڻ ۾ 2 وڏيون مشڪلاتون آهن. پاڪستان ۾ معيشت جا انگ اکر جوڙڻ ج?? طريقيڪار 20 سال پراڻو آهي جنهن کي اپ ??يٽ ڪرڻ جي ضرورت آهي.
مضمون کا ماخذ : پاور بال