اسلام آباد-17 سيپٽمبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وز??ر شيخ رشيد احمد چيو ??هي ته نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جو پاڪستان جو دؤرو ملتوي ٿيڻ هڪ سازش آهي، ڪوبه سيڪ??ور??ي ٿريٽ نه هو، نيوزيلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيم کي اسان جي سيڪ??ور??ي ادارن فول پروف سيڪ??ور??ي فراهم ڪئي.
گه??و وزارت جي ميڊيا سيل ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي شيخ رشيد احمد چيو ته پاڪستان جي سمورن سيڪ??ور??ي ادارن بشمول ايس ايس جي ۽ 4 هزار پوليس اهلڪارن سيڪ??ور??ي فراهم ڪئي ۽ اسان جي ادارن وٽ ڪنهن به قسم جي سيڪ??ور??ي ٿريٽ جو اطلاع نه هو جنهن جو ذڪر نيوزيلينڊ جي سيڪ??ور??ي انچارج طرفان ڪيو ويو. هن چيو ته وز??راعظم عمران خان دوشنبي ۾ هڪ اهم پرڏيهي اجلاس ۾ هو جنهن کي ان صورتحال کان آگاهه ڪيو ويو جنهن تي وز??راعظم عمران خان نيوزيلينڊ جي وز??راعظم سان رابطو ڪيو ۽ کيس ڪرڪيٽ ٽيم کي هر ممڪن سيڪ??ور??ي جي فراهمي لاءِ کنيل قدمن کان آگاهه ڪيو ۽ کيس ٻُڌايو ته پاڪستان ۾ نيوزيلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيم کي ڪوبه خطرو ناهي،
جڏهن ته پاڪستان جي سيڪ??ور??ي قدمن تي اطمينان جو به اظهار ڪيو ويو هو. نيوزيلينڊ جي هڪ سيڪ??ور??ي ٽيم به پاڪستان آئي هئي جنهن پاڪستان جي سيڪ??ور??ي قدمن کي تسلي بخش قرار ڏنو هو ۽ ان کان به اسان کي ڪنهن به قسم جي ٿريٽ ڪال جو ڪو ثبوت ناهي مليو. ڀارتي ميڊيا پاڪستان خلاف زهر اوڳاڇي رهي ??هي پر پاڪستاني قوم قومي سلامتيءَ جي مسئلي تي هڪ پيج تي ??هي ۽ عمران خان جي قيادت ۾ متحد آهي.
گه??و وزير چيو ته پاڪستان طرفان نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم کي اسٽيڊيم ۾ بنا تماشائين جي ميچ کيڏڻ جي به آڇ ڪئي وئي پر انهن ڪابه ڳالهه نه مڃي. گه??و وزير چيو ته اهڙي موقعي تي جڏهن پاڪستان دنيا ۾ امن جو سڀ کان وڏو ڪردار ادا ڪري رهيو ??هي ۽ دهشتگرديءَ خلاف ڀرپور قسم جو عزم رکي ٿو، اهڙي وقت ۾ هڪ سازش تحت نيوزيلينڊ جي ان دؤري کي ملتوي ڪيو ويو. هن چيو ته اسان جي نيشنل ڪرائيسز مئنجمينٽ سيل به تمام بهترين ڪم ڪيو ۽ ٻُڌايو ته ملڪ ۾ ڪنهن به قسم جو سيڪ??ور??ي ٿريٽ جو ڪو اطلاع ناهي. هن چيو ته اسان جو ملڪ هڪ ذميوار ??هي ۽ اسان چاهيون ٿا ته هتي ڪرڪيٽ کيڏي وڃي. وز??راعظم عمران خان هڪ رانديگر طور ورلڊ ڪپ کٽيو جيڪو اسان لاءِ اعزاز آهي.
هن چيو ته ان سازش جي پٺيان لِڪل هٿ ضرور ظاهر ٿيندا. گه??و وزير چيو ته اسان افغان امن جا حامي آهيون، اسان جون سموريون سرحدون محفوظ آهن، ڪجهه ڳُجها هٿ پاڪستان کي قربانيءَ جو ٻڪر بڻائڻ چاهين ٿا ۽ چاهين ٿا ته خونريزي ٿئي پر انهن جي خواهش ڪڏهن به پوري نه ٿيندي. شيخ رشيد احمد چيو ته پاڪستان جو اميج بهتر ٿيندو اسان افغان بارڊر کي محفوظ ڪيو آهي، ڪوبه پناهگير هاڻوڪن ڏنهن ۾ پاڪستان ناهي آيو ۽ پاڪستان ۾ ڪابه پناهگيرن ڪيمپ ناهي ڪئي وئي.