اسلام آباد – 22 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته يونيورسٽين خاص طور تي آءِ ٽي ۽ انجنيئرنگ جي شعبن ۾ داخلا جي شرح وڌائڻ لاءِ ڪوششون تيز ڪرڻ جي ضرورت آهي ته جيئن هنرمند گريجوئيٽس جي مارڪيٽ جي طلب کي پورو ڪري سگهجي، پاڪستان جي مقابلي ۾ علائقائي ملڪن جُون يونيورسٽيون وڏي تعداد ۾ گريجوئيٽس پيدا ڪري رهيون آهن ۽ اسان جي يونيورسٽين کي ملڪ ۾ بيچلرز ۽ ماسٽرز گريجوئيٽس جو تعداد وڌائڻ لاءِ آن لائين ۽ فاصلاتي تعليم جي فروغ تي ڌيان ڏيڻ گهرجي، صدر اهڙن خيالن جو اظهار ايوان صدر ۾ وفاقي چارٽرڊ يونيورسٽين ۽ ڊگري ڏيندڙ ادارن جي وائيس چانسلرز ريڪٽرز جي ??جل??س دوران ڪيو، فيڊرل ايجوڪيشن ۽ پروفيشنل ٽريننگ واري وفاقي وزير شفقت محمود، هائير ايجوڪيشن ڪميشن (ايڇ اي سي) جي ايگزيڪيٽو ڊائريڪٽر ڊاڪٽر شائسته سهيل، مختلف يونيورسٽين جي وائيس چانسلرز ۽ ريڪٽرز ??جل??س ۾ شرڪت ڪئي. ??جل??س کي خطاب ڪندي صدر يونيورسٽين تي زور ڏنو ته هو پاڪستان ۾ روزگار جي شرح کي وڌائڻ لاءِ اڪيڊمين ۽ انڊسٽري جي رابطن کي فروغ ڏئي پنهنجي شاگردن کي مارڪيٽ جي ضرورتن موجب هنر سان ليس ڪ??، هن مناسب طريقي سان ڊزائين ڪيل آن لائين ڪورسز ۽ مواد جي پهچ ۽ تشخص جي بهتر طريقن جي ذريعي ورچوئل تعليم جي معيار کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ ٺوس ڪ??ششون ڪرڻ تي به زور ڏنو، وفاقي وزير شفقت محمود مهارت تي ٻڌل تعليم، فيڪلٽي جي ترقي، ۽ ليبز ۽ لاڳاپيل تعليمي سهولتن ۾ سيڙپڪاري ڪري معياري گريجوئيٽس تيار ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. ??جل??س ۾ ايڇ اي سي جي آن لائن ۽ ڊسٽنس لرننگ پاليسي ۽ يونيورسٽين جي درجه بندي جي لاءِ ان جي معيار تي خيالن جي مٽاسٽا کانسواءِ بي ايس ۽ ايم ايس گريجوئيٽس جو تعداد وڌائڻ ۾ مختلف تجويزن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، ??جل??س ۾ هنرمند افرادي قوت جي مارڪيٽ جي طلب کي نظر ۾ رکندي مختلف شعبن ۾ ايسوسيئيٽ ڊگريون (2 سالا ڊگريون) متعارف ڪرائڻ ۽ پاڪستان ۾ اعلي?? تعليم جي معيار کي بهتر بڻائڻ جي امڪانن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، شرڪت ڪندڙن استادن جي ترقي، تحقيقي سهولتن ۽ استادن جي تربيت جي ضرورت تي زور ڏنو ته جيئن هو آن لائن تعليم فراهم ڪرڻ جي لاءِ گهربل مهارتن سان ليس ٿي سگهن.
پاڪستان جي مقابلي ۾ علائقائي ملڪن جُون يونيورسٽيون وڏي تعداد ۾ گريجوئيٽس پيدا ڪري رهيون آهن: صدر
مضمون کا ماخذ : پاور بال جیتنے کے طریقے