اسلام آباد – 19 – مئي (اي پي پي) و??ير??عظم شهباز شريف سان وڪيل اڳواڻن جي وفد اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي. و??ير??عظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله، ق??نو?? وارو وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، اٽارني جنرل اشتر اوصاف پڻ موجود هئا جڏهن ته وڪيل اڳواڻن جي وفد ۾ سپريم ڪورٽ ??ار ايسوسيئيشن جو صدر احسن ڀون، پاڪستان ??ار ڪائونسل جو سربراهه حفيظ الرحمان، لاهور هاءِ ڪورٽ ??ار ايسوسيئيشن جو صدر اڪبر ڊوگر، پنجاب ??ار ڪائونسل جو سربراهه جعفر طيار، اسلام آباد ??ار ڪائونسل جو سربراهه قمر سبزواري، سيد قلب حسن، امجد شاهه، مسعود چشتي، عابد ساقي ۽ ٻيا شامل هئا. و??ير??عظم وڪيل برادري جي سينيئر چونڊيل اڳواڻن جي حڪومت تي اعتماد جا ٿورا مڃيندي چيو ته وڪيل ملڪ جو عظيم اثاثو آهن. حڪومت وڪيلن جي پيشيواراڻي معاملن کي سرانجام ڏيڻ ۾ هر ممڪن تعاون ڪندي. و??ير??عظم ق??نو?? واري وفاقي وزير کي هدايت ڪئي ته وڪيل پروٽيڪشن ايڪٽ ۽ ??ار ڪائونسل ايڪٽ ۾ ترميمن تي فوري ڪم شروع ڪيو وڃي. وڪيل اڳواڻن و??ير??عظم شهباز شريف کي عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏيندي چيو ته وڪيل برادري جمهوري اد??رن جي مضبوطي جي لاءِ ڪردار اد?? ڪندي آئي آهي ۽ اڳتي به ڪندي. وڪيل اڳواڻن آئيني بحران جي حل ۾ عدليه جي ڪردار کي ساراهيو ۽ اميد ظاهر ڪئي ته حڪومت عوام جي اميدن موجب معيشت کي سنڀالي وٺندي.
وزيراعظم شهباز شريف سان وڪيل اڳواڻن جي وفد جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : پاکستان لاٹری نمبر