ابوظهبي – 12 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏي?? عرب امارات جي ٻن ڏينهن جي دوري تي ابوظهبي پهچي ??يو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ابوظهبي جي هوائي اڏي تي گڏي?? عرب امارات جي اقتصادي معاملن واري وزير عبدالله طوق المري ۽ پاڪستاني سفارتخاني جي آفيس??ن وزيراعظم محمد شهباز شريف جو استقبال ڪيو. وزيراعظم گڏي?? عرب امارات جي صدر شيخ محمد بن زايد النهيان سان ملاقات ڪندو، جنهن ۾ ٻنهي ڀائر اسلامي ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي، واپاري ۽ سيڙپڪاري جي شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ ۽ يو اي اي ۾ پاڪستاني افرادي قوت جي لا??ِ موقعا پيدا ڪرڻ بابت معاملا بحث هيٺ ايندا. ٻئي اڳواڻ گڏيل دلچسپي جي ڪيترن ئي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪندا. وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏي?? عرب امارات جي وزيراعظم ۽ نائب صدر ۽ دبئي جي حڪمران شيخ محمد بن را??د المڪتوم سان به ملاقات ڪندو. ان موقعي تي وزيراعظم واپار ۽ سيڙپڪاري کي وڌائڻ جي لا??ِ اماراتي واپارين ۽ سيڙپڪارن سان به ملاقاتون ڪندو.
وزيراعظم گڏيل عرب امارات جي ٻن ڏينهن جي دوري تي ابوظهبي پهچي ويو
مضمون کا ماخذ : سانتا کا سرپرائز