اسلام آباد– 27 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف مارگلا ريلوي اسٽيشن اسلام آباد تي گرين لائين ايڪسپ??يس ٽرين سروس جو افتتاح ڪيو. وزيراعظم ??فيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ??ن موقعي تي ٽرين ۾ سفري سهولتن جو جائزو ورتو. ان موقعي تي ناڻي و??رو وفاقي وزير اسحاق ڊار، ريلوي و??رو وفاقي وزير خواجه سعد رفيق، م??صوبابندي و??رو وفاقي وزير احسن اقبال وزيراعظم ??ان گڏ هئا. ريلوي واري وفاقي وزير خواجه سعد رفيق وزيراعظم کي ٽرين بابت بريفنگ ڏني. جديد سهولتن سان ليس گرين لائين ايڪسپ??يس ٽرين اسلام آباد کان ڪراچي رستي پاڪستان ريلويز مين لائين – ان پيسينجر سروس مهيا ڪندي. اها ٽرين راولپنڊي، چڪلالا، لاهور، خانيوال، بهاولپور، روهڙي، حيدرآباد ۽ ڊرگ روڊ ريلوي اسٽيشنن تي بيهندي.
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈز کی جیت