اسلام آباد – 09 – في??روري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ترڪيه جي زلزلي متاثرين جي لاءِ عطيو جمع ڪرائڻ جي ملڪ گير مهم هلائڻ جي هدايت ڪندي عو??م جي سمورن طبقن کي اپيل ڪئي آهي ته اهي ترڪيه جي مصيبت سٽيل ڀينرن ڀائرن جي لاءِ دل کولي عطيو ڏين، اسان کي عطيي سان پنهنجي ترڪيه جي عو??م کي اهو پيغام ڏيڻو آهي ته اسان انهن سان گڏ آهيون. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم هدايت ڪندي چيو آهي ته تعليم، مذهبي مع??ملن، ناڻي، واپار ۽ مع??شي مع??ملن واري وزيرن، صوبائي حڪومتن کي عطيو گڏ ڪرڻ جي مهم ۾ ڀرپور شرڪت ڪن. وزيراعظم چيو ته صنعت ۽ واپار وارا ايوان، ڪاروباري برادري، سرنديءَ وارن ماڻهن، عالم سڳورن، تعليمي ادارن سميت مع??شري جي سمورن طبقن کي مهم ۾ شامل ڪيو ويندو. هن تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين کي تعليمي ادارن ۾ عطيو گڏ ڪرڻ جي مهم شروع ڪرڻ جي هدايت ڪئي ۽ چيو ته ترڪيه جي زلزلي متاثرين جي مدد جي اپيل تحت مهم هلائي وڃي. وزيراعظم جي هدايت تي تعليم وارو وفاقي وزير اڄ جمعي کان مختلف تعليمي ادارن جو دورو ڪندو. تعليم واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين وزيراعظم پاران شاگردن کي عطيو ڏيڻ جي اپيل ڪندو. تعليمي ادارن ۾ ترڪيه جي عو??م لاءِ خصوصي ڪئمپ هنيا ويندا. گڏ ٿيندڙ عطيو ترڪيه جي عو??م جي مدد لاءِ استعمال ٿيندو. مذهبي مع??ملن وارو وفاقي وزير مذهبي طبقن ۽ عالم سڳورن سان رابطو ڪندو. ترڪيه جي عو??م جي مدد لاءِ عو??مي راءِ هموا?? ڪندو. وزيراعظم عو??م جي سمورن طبقن کي اپيل ڪئي آهي ته اهي ترڪيه جي مصيبت سٽيل ڀينرن ڀائرن جي لاءِ دل کولي عطيو ڏين. اسان کي عطيي سان پنهنجي ترڪيه جي عو??م کي اهو پيغام ڏيڻو آهي ته اسان انهن سان گڏ آهيون.
وزيراعظم پاران ترڪيه جي زلزلي متاثرين جي لاءِ عطيو جمع ڪرائڻ جي ملڪ گير مهم هلائڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : خون چوسنے والے II