اسلام آباد -26 آگسٽ (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو آهي، ته ملڪ ۽ قوم جو تحفظ ۽ ملڪ ۾ عوام لاءِ محفوظ ماحول کي برقرار رکڻ اسان جي اولين ترجيح آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان مطابق اهڙو اظهار هن ڪ??ئيٽا ۾ بلوچستان ۾ سلامتي جي صورتحال بابت اعليٰ سطح?? اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ نگران وفاقي وزيرن سرفراز احمد بگٽي، شاهد اشرف تارڙ، سميع سعيد، بلوچستان جو نگران وڏو وزير عل?? مردان خان ڊومڪي ۽ اعليٰ سول ۽ فوجي عملدارن شر??ت ڪئي. وزيراعظم سلامتي بابت م??ام??ن ۾ صوبائي حڪومت ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ڪردار کي ساراهيو. هن چيو ته تحفظاتي م??ام??ن ۾ رياستي رد عمل کي مضبوط بڻائڻ لاءِ قانوني ڍانچي کي وڌيڪ بهتر ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته وسيلن کي اثرائتي طريقي سان ڪتب آڻڻ لاءِ جديد ۽ فني حڪمت عملي جوڙڻ اڻٽر آهي.
مضمون کا ماخذ : لاٹری ایپ ڈاؤن لوڈ کریں