اسلام آباد- 16 سيپٽمبر (اي پي پي) سڌ سماءُ بابت نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ براڊ ڪاسٽنگ جو منظرنامو بدلجي رهيو آهي، ريڊيو پاڪستان ڊجيٽل مائيگريشن جي ڊگهي سفر ۾ ڪيترائي اهم سنگ ميل عبور ڪيا، ريڊيوپاڪستان مشڪلاتن ۽ رڪاوٽن باوجود استقامت سان ترقي جو سفر جاري رکيو. اهڙو اظهار هن هالينڊ جي گادي واري هنڌ ايمسٽرڊيم ۾ ريڊيو ريسورس ڪنٽرول اينڊ مينيجمينٽ جي موضوع تي رٿيل عالمي ڪانفرنس کي زوم ذريعي خطاب ڪندي ڪيو. نگران وفاقي وزير چيو ته اڄ ريڊيو پاڪستان ۾ ڊجيٽلائيزيشن جو سفر جاري آهي، ريڊيو پاڪستان پنهنجي سمورن آرڪائيوز کي ڊجيٽلائيز ڪرڻ لاءِ قدم کنيا آهن، هن چيو ته اسان ريڊيو پاڪستان جي نشريات کي عالمي معيار موجب بڻائڻ لاءِ ڊي آر ايم ٽيڪنالاج?? طرف وڃي رهيا آهيون، ڊي آر ايم ٽرانسم??ٽر لڳائڻ سان ريڊيو پاڪستان جي نشريات سڄي ملڪ سميت پاڙيسري ملڪن تائين دستياب هوندي. مرتضيٰ سولنگي چيو ته ڊي آر ايم ٽيڪنالاجي سبب ريڊيو پاڪستان جي آپريشنل لاڳت ۾ 40 سيڪڙو گهٽتائي ٿي??دي، ان ٽيڪنالاجي مان هڪ ٽرانسم??ٽر ڪيترن ئي پروگرامن جي رسد ڪندو، جڏهن ته ان سان بجلي جي استعمال ۾ پڻ بچت ٿي??دي، هن چيو ته بهترين معيار جي آڊيو سگنلز کانسواءِ ڊي آر ايم ٽرانسم??ٽر ايمرجنسي وارننگ سسٽم سان به ليس آهن جيڪي قدرتي آفتن جي صورت ۾ هنگامي الرٽ به جاري ڪري سگهندا، اهڙ?? طرح ڊاسٽرمينيجمينٽ اٿارٽي کي آفت سٽيل علائقن ۾ امدادي ڪاررواين کي ڪا??يا??ي سان انجام ڏيڻ ۾ مدد ملندي، هن چيو ته پاڪستان ۾ ڊي آر ايم ٽيڪنالاجي لڳائڻ ۾ تعاون تي ڊي آر آيم ڪنسوريشم خاص ڪري چيئرپرسن رڪزيندر اوبرريجا جو ٿورو مڃيندي چيو ته ڊي آر ايم ڪنسوريشم جي مسلسل تعاون ۽ ريڊيو پاڪستان جي انتظاميه ۽ انجينئرز جي گڏيل ڪوششن مان اميد آهي ته ويجهي مستقبل ۾ ڊجيٽل رول آٽ مڪمن ٿي??دو. هن چيو ته هن تاريخي ڪارنامي سان ريڊيو پاڪستان جا 76 سالن جو ??ان??ار ۽ تاريخي سفر جي هڪ نئين باب ۾ اضافو ٿي??دو. نگران وفاقي وزير ريڊيو پاڪستان جي موجوده ڊائريڪٽر جنرل ۽ ڊي آر ايم اسٽيئرنگ ڪميٽي کي ان جي پختي جذبي، محنت ۽ لگن تي دلي مبارڪباد پيش ڪئي ۽ چيو ته انهن جي محنت، لگن عيوض هڪ خواب حقيقت ۾ بدلجي رهيو آهي.
پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ براڊ ڪاسٽنگ جو منظرنامو بدلجي رهيو آهي، ريڊيو پاڪستان ڊجيٽل مائيگريشن جي ڊگهي سفر ۾ اهم سنگ ميل عبور ڪيا: مرتضيٰ سولنگي
مضمون کا ماخذ : bolão lotomania