نيويارڪ – 20 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران پ??ڏيهي وزير جليل عباس جيلاني فلسطينين جي منصفاڻي ڪاز حاصل ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي مستقل ۽ اصولي حمايت جو ورجاءُ ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب نگران پ??ڏيهي وزير منعقد اجلاس ۾ فلسطين تي اسلامي تعاون تنظيم (او آ??ِ سي) ڪميٽي آف 6 جي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ڳالهائيندي ه?? پاڪستان جي اصولي موقف جو ورجاءُ ڪيو ته وچ اوڀر ۾ امن ۽ استحڪا?? جي لاءِ هڪ اهڙو عمل جوڳو، خودمختيار ۽ ڀر ۾ فلسطيني رياست جو قيام لازمي آهي جنهن جو گادي وارو شهر القدس الشريف هجي. هي اجلاس گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 78 هين اجلاس جي موقعي تي ٿيو. فلسطين تي 6 رڪني ڪميٽي جي ميمبرن ۾ پاڪستان، سينيگال، گني، فلسطين، ملائيشيا ۽ او آ??ِ سي جنرل سيڪريٽريٽ شامل آهن. نگران پ??ڏيهي وزير جليل عباس جيلاني ا?? پاڪستاني وفد جو حصو آهي جنهن جي قيادت نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ڪري رهيو آهي جيڪو يو اين جي اي جي اجلاس ۾ شرڪت ڪري رهيو آهي.
نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني پاران فلسطينين جي منصفاڻي ڪاز حاصل ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي مستقل ۽ اصولي حمايت جو ورجاءُ
مضمون کا ماخذ : بہت سے نتائج