ڪراچي – 30 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ مصنوعي ذهانت جي شع??ي تي ڌيان ڏيڻ ??ي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته جدت ۽ اڀرندڙ ٽيڪنالاجيز پاڪستان جي لاءِ ترقي ۽ خوشحالي جون نيون راهون کولي سگهن ٿيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن نيشنل آئيڊياز بئنڪ جي وفد سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو جنهن حسن سيد جي قيادت ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر چيو ته انفارميشن ٽيڪنالاجي سميت ٻين شع??ن ۾ جدت کي فروغ ڏيڻو پوندو. صدر چيو ته غيرروايتي طريقن سان صنعتي عمل ۾ موجود مسئلا حل ڪري فائدو حاصل ڪري سگهجي ٿو?? ڊيٽا ۽ ٽيڪنالاجي اسان کي باخبر فيصلا ڪرڻ ۽ صحيح رخ ۾ تيزي سان اڳتي وڌڻ ۾ مدد ڏئي سگهن ٿا. صدر نيشنل آئيڊياز بئنڪ تي زور ڏنو ته اها صنعتي ۽ ٻين ڌرين سان تعاون وڌائي. هن ٽيڪنالاجي جي شع??ي ۾ نيشنل آئيڊياز بئنڪ جي ٻئي مقابلي جي ڪا??يا?? انعقاد تي وفد کي مبارڪباد ڏني. ان موقعي تي آءِ ٽي ۽ مصنوعي ذهانت تي ٻڌل ٽيڪنالاجي ذريعي مقامي مسئلا حل ڪرڻ تي نيشنل آئيڊياز بئنڪ جي ميمبرن کي تعريفي ??رٽيفڪيٽ پڻ ڏنا.
جدت ۽ اڀرندڙ ٽيڪنالاجيز پاڪستان جي لاءِ ترقي ۽ خوشحالي جون نيون راهون کولي سگهن ٿيون: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : پشاور لاٹری