اسلام آباد– 09 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اومان جي سلطان ح??تم بن طارق کي عيدالفطر جي خوشي جي موقعي تي مبارڪباد ڏني آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظ?? اومان ۽ پاڪستان جي وچ ۾ پراڻي ڀائراڻن لاڳاپن جو ذڪر ڪندي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ موجود تعاون جي وسيع صلاحيت تي روشني وڌي. وزيراعظم پاڪ – اومان اداراجاتي ۽ اقتصادي رابطن جي فروغ ۽ مضبوطي جي اهميت تي پڻ زور ??نو. وزيراعظم مسلمان ??مت جي وچ ۾ اتحاد ۽ ڀائيچاري جي فروغ سان گڏوگڏ اسرائيل پاران معصوم فلسطيني ڀينرن ڀائرن تي جاري ظلم ۽ ڏاڍ جي خاتمي جي دعا ڪئي. سلطان ح??تم بن طارق وزيراعظم کي عيد جي مبارڪباد ڏني ۽ پاڪستان جي عوام جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ٻنهي اڳواڻن اقتصادي تعاون جي ثمرن مان ڀرپور فائدو کڻڻ ۽ ٻطرفن لاڳاپن جي وڌيڪ مضبوطي جي لاءِ گڏيل تعاون جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظ?? اوماني سلطان کي جلد پاڪستان جو دورو ڪرڻ جي دعوت ڏني. سلطان ح??تم بن طارق پڻ وزيراعظم کي اومان جي دوري جي دعوت ڏني.
وزيراعظم محمد شهباز شريف جُون اومان جي سلطان حاتم بن طارق کي عيدالفطر جي خوشي جي موقعي تي مبارڪُون
مضمون کا ماخذ : quina resultados anteriores