اسلام آباد – 12 – آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ مزار حضر?? امام بري رحه ڪمپليڪس جي ترقي ۽ انتظام ۽ انصرام ڪميٽي جو اجلاس ٿيو. مئنيجمينٽ ڪميٽي حضرت بري امام رحه جي سالياني عرس جي انتظامن جو جائزو ورتو. 14 آگسٽ تي چادر پوشي جڏهن ته حضرت بري امام رحه جو ساليانو عرس 15 کان 17 آگسٽ تي ٿيندو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير عرس جي موقعي تي سيڪيورٽي جي انتهائي غيرمعمولي انتظامن جي هدايت ??ئي. هن انتظاميا ۽ سي ڊي اي کي زائرين کي شٽل سروس فراهم ڪرڻ ۽ زائرين جي سهولت جي ڏس ۾ ٿرڊ ايونيو کان متبادل روڊ جي تياري يقيني بڻائڻ جي پڻ هدايت ??ئي. نائب وزيراعظم چيو ته ملڪ جي مختلف علائقن ۽ سڄي دنيا مان عرس جي تقريبن ۾ شرڪت جي لاءِ ايندڙ زائرين کي سهولتن جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي. هن هدايت ??ئي ته عرس ۾ شرڪت ڪندڙ عورت زائرين جي لاءِ مزار حضرت بري امام رحه ڪمپليڪس ۾ خصوصي انتظامن کي يقيني بڻايو وڃي ۽ اهو ته تقريبن دورا?? زائرين کي ڪنهن به قسم جي ڪا تڪليف نه ٿيڻ گهرجي. اجلاس ۾ ڪميٽي ميمبر خادم درگاهه بري امام راجه سرفر??ز اڪرم، محسن رضا نقوي ۽ سهيل اقبال ڀٽي پڻ شرڪت ڪ??ي. اجلاس ۾ چيف ڪمشنر اسلام آباد، سي ڊي اي چيئرمين محمد علي رنڌاوا، ڊپٽي ڪمشنر عرفان ميمڻ کانسواءِ ٻين لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪ??ي.
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ مزار حضرت امام بري رحه ڪمپليڪس جي ترقي ۽ انتظام ۽ انصرام ڪميٽي جو اجلاس
مضمون کا ماخذ : تھور میگا ویز کی طاقت