رحيم يار خان-23 آگسٽ (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي ڪچي جي علائقي ۾ آپريشنل فورس جي حوالي سان حفاظت?? قدمن جي ضرروت تي زور ڀريندي فورس کي جديد هٿيارن ۽ سيفٽي اوزارن سان ليس ڪرڻ ۽ آئنده لاءِ اهڙن واقعن جي روڪٿام لاءِ سمورن ضرور?? قدمن ۽ ڪچي ??ي شرپسندن خلاف موثر ۽ جامع آپريشن جو حڪم ڏنو آهي. ڪالهه گهرو وزارت مان جاري بيان موجب گهرو وزير جي صدارت هيٺ رحيم يار خان ايئرپورٽ تي اعليٰ سطحي اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ گهرو وزير کي ڪچي جي علائقي ۾ پيش آيل افسوسناڪ واقعي جي باري ۾ پنجاب پو??يس، پنجاب رينجرز ۽ سنڌ پو??يس طرفان بريفنگ ڏني وئي. گهرو وزير ڪچي جي علائقي ۾ آپريشنل فورس جي حوالي سان حفاظت?? قدمن جي ضرورت تي زور ڀريو. هن آپريشن ۾ حصو وٺندڙ فورس کي جديد هٿيارن ۽ سيفٽي اوزارن سان ليس ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هن چيو ته انتهائي افسوسناڪ واقعو ٿيو ??هي ۽ اسان جي 12 بهادر جوانن شهادت ماڻي آهي، گهرو وزير آئنده اهڙن واقعن جي روڪٿام لاءِ سمورن ضرور?? قدمن جي هدايت ڪئي ۽ ڪچي ??ي شرپسندن خلاف موثر آپريشن جو حڪم ڏنو. محسن نقوي چيو ته شرپسندن سان لوهي هٿن سان منهن ڏنو ويندو، حملي آورن کان بدلو وٺڻ لاءِ آخري حد تائين وينداسين، پنهنجي بهادرن جي رت جو بدلو وٺڻ تائين سک سان نه ويهنداسين. اجلاس ۾ آءِ جي پو??يس پنجاب، ڊي جي رينجرز پنجاب، سي ٽي ڊي پنجاب، پنجاب ۽ سنڌ پو??يس جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.
گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي جي صدارت هيٺ رحيم يار خان ايئرپورٽ تي اعليٰ سطحي اجلاس
مضمون کا ماخذ : پاکستان کی لاٹری کی تاریخ