اسلام آباد-29 سيپٽمبر (اي پي پي) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطا الله تارڙ ??يو آهي ته خيبرپختونخواه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور جو گولي هلائڻ ۽ لاش ڪيرائڻ جو بيان سندس ناڪامي جو اعتراف آهي ته هو ڪي پي ڪي حڪومت هلائڻ جي قابل ناهي، اسلام آباد ۽ پنجاب تي ڪاهه ڪرڻ جي ڌمڪي 9 مئي کي دهرائڻ جو اعلان آهي. ڪي پي ڪي جي وڏي وزير جي گولي هلائڻ جي بيان تي ??نهنجي رد عمل جو اظهار ڪندي سڌ سماءَ واري وفاقي وزير ??يو ته ڪي پي ڪي جو وڏو وزير گارگند کان هاڻي گولي هلائڻ تي اچي ويو آهي، ان سان هو پنهنجو نقصان ڪندو، ڪنهن ٻئي جو نه. پي ٽ?? آءِ جي صوبائي حڪومت جو ڪو به بيان، ڪو قدم ۽ ڪو به رويو جمهوري، سياسي ۽ پارلياماني ناهي. هنن ڪڏهن به ائين ناهي ??يو ته اسان تعليم، صحت، روزگار، معاشي بهتري جي ميدانن ۾ مقابلو ڪنداسين. وفاقي وزير ??يو ته انقلاب آڻڻو آهي ته صحت، تعليم ۽ عوام جي ڀلائي جي منصوبن جو انقلاب آڻيو، ڪي پي ۾ ڪرپشن ۽ نا اهلي جي انتها ٿي چڪي آهي، اصل مقابلو اهو هو ته وفاق ۽ پنجاب وانگر بجلي جي صارفين کي ڪي پي ڪي حڪومت پنهنجي صوبي ۾ رل??ف ڏئي ها، اصل مقابلو اهو هو ته اسپتالن، درسگاهن جي تعمير سان عوام جي خدمت جو ڪو رڪارڊ ٺاهين ها. هن ??يو ته چين جي صدر جي دوري کي ڌرڻن سان ناڪام بنائيندڙ هاڻي ايس سي او جي اجلاس جي موقعي تي ??ري ڏڦيڙ ڦهلائڻ چاهين ٿا. وفاقي وزير ??يو ته پاڪستان کي ڊفالٽ جي ڪناري تي ??هچائيندڙ پي ٽ?? آءِ کي تڪليف اها آهي ته پاڪستان معاشي بحالي جي راهه تي ڇو هلي رهيو آهي، عوام کي تيز ترين مهانگائي سان تڪليف ڏيندڙن کي تڪليف آهي ته مهانگائي 32 سيڪڙو کان 9.6 سيڪڙو تي ڇو آئي آهي. هن ??يو ته گارگند، گولي ۽ بندوق سان مهانگائي گهٽ نه ٿيندي ۽ نه ئي بيروزگاري، 11 سال کان ڪي پي ڪي ۾ پي ٽ?? آءِ جي ڦر لٽ جو اڏو ٺهيل آهي. هن ??يو ته وزيراعظم شهباز شريف فلسطيني عوام جي حمايت ڪئي ۽ اسرائيل کي للڪاريو، پاڪستان ۾ اسرائيلي ايجنٽن کي ان تي تڪليف ٿي رهي آهي.
خيبرپختونخواه جي وڏي وزير جو گولي هلائڻ ۽ لاش ڪيرائڻ جو بيان سندس ناڪامي جو اعتراف آهي ته هو ڪي پي ڪي حڪومت هلائڻ جي قابل ناهي، اسلام آباد ۽ پنجاب تي ڪاهه ڪرڻ جي ڌمڪي 9 مئي کي دهرائڻ جو اعلان آهي: عطا الله تارڙ
مضمون کا ماخذ : لاٹوفاسیل