راو??پن??ي-29 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪ فضائيه ??ي سربراهه ايئر چ??ف مارشل ظهير احمد بابر سڌو سان روسي فيڊريشن جي نائب دفاع واري وزير ڪرنل جن??ل اليگزينڊر وي فومين جي اڳواڻيءَ ۾ هڪ اعليٰ سطحي وفد ايئر هيڊ ڪوارٽرز اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ فو??ي سهڪار ۽ صنعتي ڀائيواريءَ کي هٿي وٺرائڻ تي ڌيان ڏنو ويو، جڏهن ته گڏيل فوجي مشقن ۽ پاڪ فضائيه جي اوزارن جي فني معاونت ذريعي موجوده لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جا نوان موقعا تلاش ڪيا ويا. آءِ ايس پي آر موجب ايئر چ??ف روس سان فوجي لاڳاپن کي مضبوط ڪرڻ تي زور ڀريندي گڏيل تربيتي پروگرامز، ف??جي مشقن ۽ صنعتي ڀائيواريءَ جي اهميت کي اجاگر ڪيو. ڪرنل جن??ل ايگزينڊر وي فومين موجوده قيادت تحت پاڪ فضائيه ۾ ٿيل تازي شاندار اڳڀرائيءَ کي ساراهيو. هن پاڪستان سان موجوده دفاعي سهڪار کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو اظهار ڪندي فوجي لاڳاپا ۽ پاڪ فضائيه جي اوزارن جي فني معاونت جي فراهمي جاري رکڻ جي خاطري ڪرائي.
پاڪ فضائيه جي سربراهه سان روسي فيڊريشن جي نائب دفاع واري وزير جي اڳواڻيءَ ۾ اعليٰ سطحي وفد جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کا جیک پاٹ