اسلام آباد-23 ڊسمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سان وزيراعظم محمد شهباز شريف ايوانِ صدر ۾ ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ ملڪ جي مجموعي سياسي، ??عا??ي ۽ سيڪيورٽي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. صدر ۽ وزيراعظم ملڪي ترقي لاءِ گڏجي اڳتي وڌڻ جي عزم کي ورجايو. ايوانِ صدر جي پريس ونگ موجب ملاقات ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وز??ر سينيٽر محمد اسحاق خان، گهرو وز??ر سيد محسن نقوي، ڪي پي ڪي جو گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي، اڳوڻو وزيراعظم راجا پرويز اشرف ۽ قومي اسيمبلي??َ جو ميمبر سيد نويد قمر به شامل هئا. وزيراعظم شهباز شريف، صدر آصف علي زرداري جي صحت لاءِ ??يڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. صدر ۽ وزيراعظم ملاقات دوران پارليامينٽ ۾ قانونسازي??َ جي معاملن تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي. ٻنهي اڳواڻن قانوني معاملن سمورن سياسي اسٽيڪ هولڊرز جي مشاورت سان اڳتي وڌڻ جو فيصلو ڪيو. صدر آصف علي زرداري وزيراعظم کي ملڪي ترقي ۽ استحڪام لاءِ سهڪار جي خاطري ڪرائي.