اسلام آباد-26 ڊسمبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني مسلم دنيا جي عظيم اڳواڻ، اوڀر جي نياڻي ۽ اڳوڻي وزيراعظم شهيد جمهوريت محترمه بينظير ڀٽو جي 17هين ورسيءَ جي مو??عي تي چيو آهي ته اڄ اسان شهيد محترمه جي 17هين ورسي تي سندس قربانين کي خراجِ عقيدت پيش ڪريون ٿا، شهيد محترمه نه صرف پاڪستان پر پوري دنيا ۾ جمهوريت، مساوات ۽ انسان?? حقن لاءِ هڪ نئون مثال قائم ڪيو، سندس سياسي جدوجهد ۽ اصولن تي ِٻَڌل قيادت پاڪستان جي عوام لاءِ هميشه مشعلِ راهه رهندي. ان مو??عي تي پنهنجي خاص پيغام ۾ سينيٽ چيئرمين چ??و ته شهيد محترمه پنهنجي جان جو نذرانو ڏئي ان عزم کي مضبوط ڪيو ته جمهوريت ئي اسان جي ترقي جو واحد رستو آهي. سينيٽ چيئرمين وڌيڪ چيو ته محترم بينظير ڀٽو هر قسم جي ڏاڍ ۽ آمريت جو دليريءَ سان مقابلو ڪيو ۽ عوام جي فلاح ۽ ڀلائيءَ لاءِ پنهنجي زندگي وقف ڪري ڇڏي، هوءَ عورتن ج?? حقن، تعليم، صحت ۽ معاشي ترقيءَ لاءِ سرگرم رهي ۽ پنهنجي قيادت ??ري??ي نوجوان نسل کي اهو درس ڏنو ته قومي اتحاد ۽ حب الوطني سان هر چئلينج جو مقابلو ڪري سگهجي ٿو، سندس بصيرت ۽ جرئت اڄ به اسان کي متحد ۽ منظم رهڻ جو سبق ڏئي ٿي. سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته اسان کي ان ڏينهن جي مو??عي تي هي عهد ڪرڻو آهي ته شهيد محترمه جي خواب ک?? حقيقت ۾ بدلائڻ لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آڻينداسين، پاڪستان کي هڪ ترقي يافته، خوشحال ۽ جمهوري رياست بڻائڻ لاءِ سندس مشن کي جاري رکنداسين. سينٽ چيئرمين چ??و ته اسان شهيد محترمه کي سلام پيش ڪريون ٿا ۽ سندس ڏنل قرباني کي ڪڏهن به نه وِسارينداسين.
شهيد محترمه بينظير ڀٽو جمهوريت، برابري ۽ انساني حقن لاءِ هڪ نئون مثال قائم ڪيو: سينيٽ جو چيئرمين يوسف رضا گيلاني
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کی پیشن گوئی