اسلام آباد – 31 – ڊسمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار اهم گهڻ رخي ۽ ٻطرفي مشنز ۾ پاڪستان جي سف??رن جي اجلاس ج?? صدارت ڪئي. پرڏيهي سيڪريٽري آمنه بلوچ ۽ ايڊيشنل پرڏيهي سيڪريٽري ۽ وزارت جي سينيئر ڊائريڪٽر جنرلز پڻ اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. پرڏيهي آفيس ج?? ترجمان پاران جاري بيان موجب سف??رن علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي بابت پنهنجي جائزي، خيالن ۽ 2025ع ۽ ان کانپوءِ جي پرڏيهي پاليسي جي ترجيحن تي پنهنجي راءِ پيش ڪئي. ان موقعي تي پنهنجي اهم خطاب ۾ نائب وزيراعظم/ پرڏيهي وزير ٻطرفي ۽ گهڻ رخن ۾ هڪ متحرڪ پرڏيهي پاليسي جو ويزن شيئر ڪيو. هن سڄي دنيا جي ملڪن سان پنهنجي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو اظهار ڪندي سف??رن تي زور ڏنو ته اهي پاڪستان جي عالمي ساک کي وڌائڻ ۽ ان جي عالمي حصيداري کي فروغ ??يڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ??ن. ??اڪستان جي سف??رن جو ساليانو اجلاس پرڏيهي وزارت ۾ هڪ باقاعده ايونٽ آهي جنهن ۾ پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جي مختلف رخن ۽ ان کي ٺوس لاڳو ڪرڻ تي خيالن ??ي ڏي وٺ ڪئي وڃي ٿي.
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ پاڪستان جي سفيرن جو اجلاس
مضمون کا ماخذ : bolão lotofácil